سڄو ڪراچي انڪروچئمينٽ بڻجي ويو: سپريم ڪورٽ

0
301
آفيس ۾ ويهي زمينون الاٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سڄو ڪراچي انڪروچئمينٽ بڻجي ويو، سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿي ويا پر آفيسر ڪُنڊن جون تصويرون کڻي ايندا آهن، سپريم ڪورٽ هڪ مهيني ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي

 عدالت روينيو بورڊ جي رپورٽ تي بي اطميناني ظاهر  ڪندي چيو ته توهان منشي يا بابو نه آهيو جو ڪهاڻيون ٻڌايو ٿا، توهان پنهنجي آفيسرز کي لالي پاپ ڏيندا هوندئو، اسان کي نه ڏيو، سمورن ادارن جو اهو حال آهي جو سڀ پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪن ٿا، اُهي ڪهڙا پاڇا آهن،  جِن لاءِ اهي ڪم ڪن ٿا، انڪروچمينٽ عدالتون ٺهيون پر اُتي به ڪم نٿو ٿئي، اهي ڀتو وٺي رهيا آهن، بدقسمتي آهي جو اسان وٽ خراب ماڻهو آهن