ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري تي شديد خدشا ظاهر، صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران بغير سڃاڻپ ڪارڊ وسيلي ٿيندڙ ناقص آدمشماري خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ ايوان ۾ اڪثريت سان منظور، مخالف ڌر ٺهراءُ خلاف هنگامو ڪندي ٺهراءُ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اجلاس ۾ بجيٽ کان اڳ واري بحث تي تقرير دوران  پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي ايوان جو تقدس پائمال ڪندي ٽوپي ۽ ڪپڙا لاهي ڇڏيا،فردوس شميم جي اهڙي غيراخلاقي عمل خلاف پيپلزپارٽي جي عورت ايم پي ايز جوايوان ۾ شديد احتجاج، پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي جو چوڻ هوته ايوان جو تقدس هوندو آهي، ڇا فردوس شميم پنهنجن نياڻين ۽ ڀينرن جي سامهون به ائين ڪپڙا لاهيندو آهي؟ گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اڌ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل آدمشماري تي سخت خدشن وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت سان پاس ڪيو ويو ، صوبائي وزير ڄام خان شورو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب 1 ڪروڙکان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ڳوٺن جو نالو نشان مٽجي ويو آهي ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي خدشا آهن ته آدمشماري ڪئين ٿي سگهندي، سندس چوڻ  هو ته هي ايوان هن ٺهراءُ وسيلي مطالبو ٿو ڪري ته ڊجيٽل آدمشماري شفاف نه ٿي ته ان کي قبول نه ڪيو ويندو، ايوان ۾ هڪه پاسي صوبائي وزير ڄام خان شورو ٺهراءُ پيش ڪندو رهيو ته پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي پاران شديد احتجاج ڪندي ٺهراءُ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ ايوان ۾ سخت هنگامو ڪيو ويو، پر ايوان ۾ اڪثريت راءِ سان ڊجيٽل آدمشماري واري قرارداد منظور ڪئي وئي. تحريڪ انصاف پاران عمران خان جي تقريرن ۽ بيانن تي پيمرا جي پابندي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ٺهراءُ پيش ڪيو، ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو، بجيٽ کان اڳ بحث ۾ حصو وٺندي پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي پنهنجي تقرير دوران ٽوپي ۽ شيرواني لاهي ڇڏي ۽  بٽڻ کولي قميص لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کيس روڪي ڇڏيو، فردوس شميم نقوي چيو ته صوبي ۾ جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن کي ڇِت جي ضرورت آهي، اسڪولن جون عمارتون ڊهي پَٽ پئجي ويون آهن، هن چيو ته سرڪاري انگن اکرن موجب ته 21 لک گھر تباھ ٿيا آهن، فردوس شميم جي اهڙي عمل خلاف پيپلزپارٽي جي عورت ايم پي ايز شديد احتجاج ڪيو،  پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي پاران فردوس شميم نقوي جي اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، شرميلا فاروقي چيو ته هن ايوان جو تقدس ٿيندو آهي، عورتن جي موجودگي ۾ ڪپڙا لاهڻ وارو عمل انتهائي ڪريل حرڪت آهي، ڇا فردوس شميم پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن جي آڏو به ائين ڪپڙا لاهيندو آهي؟