سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود سوڙهي گهٽي ۾ ڦاٿل حڪمران

0
211
نيٺ ڇا ٿيندو ؟

آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض جي فراهمي وارو پروگرام مارچ 2021ع کان معطل ڪري ڇڏيو آھي. معطل ٿيل ان قرض جي بحالي لاءِ شوڪت ترين ناڻي واري وزير جي حيثيت ۾ 12 آڪٽوبر 2021ع تي آمريڪا روانو ٿيو هو پر 17 آڪٽوبر تي شوڪت ترين ناڻي وزير جو عهدو وڃائي ويٺو،

ڇو ته حڪومت اڻ چونڊيل شوڪت ترين کي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق نو تحت ڇھن مهينن لاءِ ناڻي جو وزير مقرر ڪيو هو ۽ 6 مهينن اندر حڪومت شوڪت ترين کي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جو ميمبر چونڊرائي نه سگهي، اهو ئي سبب آھي جو 17 آڪٽوبر 2021ع کان شوڪت ترين کي وزير اعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آھي.

 سو جنهن شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان قرض جي فراهمي لاءِ پاليسي سطح تي ناڻي وزير جي حيثيت ۾ ڳالهيون 13 آڪٽوبر کان  شروع ڪيون هيون هاڻي هو ناڻي صلاحڪار طور آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيو آھي. آءِ ايم ايف سان آڪٽوبر ۾ ڳالهيون طئه ٿيل هيون،  پاڪستان جي حڪومت کي معلوم هو ته آءِ ايم ايف جا قرض جي بحالي لاءِ ڪهڙا شرط آھن؟ اهو ئي سبب آھي جو پاڪستان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ آمريڪا وڃڻ کان اڳ ئي آءِ ايم ايف کي قرض جي فراهمي تي راضي ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

ان حوالي سان حڪومتي قدمن کي ڏسجي ٿو ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت کي مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جو ڪو احساس ڪرڻ بدران آءِ ايم ايف کي هر حال ۾  راضي ڪرڻ جو جنون سوار هو.  آڪٽوبر مهيني ۾ رڳو حڪومت ٽي ڀيرا بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي، 4 آڪٽوبر تي 1 روپيو 65 پيسا، اٺ آڪٽوبر تي هڪ روپيو پنجانوي پيسا ۽ پندرنهن آڪٽوبر تي حڪومت في يونٽ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو اڻيتاليھه پئسا واڌ ڪري ڇڏي.

مطلب ته رڳو آڪٽوبر مهيني ۾ بجلي جي في يونٽ بجلي جي قيمتن ۾ پنج روپين جي واڌ ڪئي پر حڪومت ڃاتو پئي ته آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ اهي قدم ڪافي نه آھن. اهو ئي سبب آھي جو پاڪستان جي حڪومت ڀارتي فلم جي ان گاني “ ڌيري ڌيري پيار ڪو بڙهانا هي،

حد سي گذر جانا هي”وانگر آءِ ايم ايف جي پيار ۾ حد کان گذرندي ملڪ اندر قائم يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڄرو تيل جي في ڪلو قيمت ۾ 110 روپيا ، في ڪلو گيھه جي قيمت ۾ 15 روپين کان 45 روپيا،  ڪپڙا ڌوئڻ جي پائونڊر جي قيمت ۾ 21 روپيا، باڊي لوشن 20 روپيا، شيمپو 4 روپيا، وهنجڻ وارو صابڻ 15 روپيا، شربت جو شيشو 40 روپيا، بوٽ پاليش جي قيمت ۾ 10 روپيا اضافو ڪري ڇڏيو.

 اهڙي واڌ به 15 آڪٽوبر کان ڪئي وئي پر آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ  جي حڪومت اندر جاڳي پيل جنون اتي دنگ نه ڪيو حڪومت اڃان وڌيڪ بي رحمي، بي حسي جي انتها ڪندي عين ان وقت جڏهن آءِ ايم ايف سان آمريڪا ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون تڏهن يعني 16 آڪٽوبر تي پئٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ ڏھه روپيا اڻونجاھه پيسن جي واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته هاءِاسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 12 روپيا چوئيتاليهھ پيسا، گاسليٽ جي ليٽر تي ڏھه روپيا پنجانوي پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ اٺ روپيا چوراسي پيسا اضافو ڪري ڇڏيو.

 جنهن سان پيٽرول مصنوعات جون قيمتون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آھن. جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچنديون آھن تڏهن اهو هر ڪو سمجهي ويندو آھي ته ملڪ اندر ڪراين ۽ عام واهپي جي سمورين شين جي قيمتن ۾به ملڪي تاريخ جي بلند ترين واڌ ٿي ويندي آهي.

ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي ته آمريڪي ڊالر جي قيمت به پهتي آھي رڳو هلندڙ مهيني ۾ ڊالر جي قدر ۾ چار روپين جو اضافو ٿيو آھي جيڪو ڊالر سيپٽمبر 2021ع ۾ 170 روپيا هو اهو هن وقت 174 روپيا ٿي ويو آھي. اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ڊالر جي قدر کي مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جو مطالبو آءِ ايم ايف جو آھي، حڪومت ان مطالبي تي فرمانبردار شاگرد وانگر دل سان عمل ڪري رهي آھي. هن حڪومت جي اچڻ کان اڳ يعني آگسٽ 2018 ع ۾ ڊالر 123 روپيا هو هن حڪومت جي دور ۾ ڊالر جي قدر ۾ 51 روپين جو اضافو ٿيو آھي.

 اوهان کي اهو ٻڌي شايد حيرت ٿئي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب به ٿين ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽان هڪ ارب ڊالرن جي قسط ملندي.  مطلب ته 174 ارب پاڪستاني روپين جي قسط ملندي پر  رڳو هلندڙ مهيني دوران ٿيل ڊالر جي قدر ۾ چار روپيا اضافي ڪري ملڪ مٿان پرڏيهي قرض ۾ پاڻ هرتو سوين اربن جو اضافو ٿي ويو آھي نه رڳو ايترو هڪ ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف کان قسط وٺڻ لاءِ حڪومت بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ جيڪا واڌ ڪئي آھي ان کان ٻيڻ ٽيڻ جيتري رقم جو عوام مٿان مهانگائي جي صورت ۾ بار پوندو. پر مزي جي ڳالھه اها ته حڪومت  مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جو ڪو احساس ڪرڻ بجاءِ جيڪا مهانگائي جي ٻوڏ آندي آھي آءِ ايم ايف ان کي ناڪافي قرار ڏيندي “ڊو مور” جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.

 آءِ ايم ايف چاهي ٿو جن شين کي ٽيڪس ڇوٽ مليل آھي انهن تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪئي وڃي،  سبسڊيز ختم ڪيون وڃن، بجلي جو به پنجويھه سو ارب جي لڳ ڀڳ گردشي قرض بجلي بلن ذريعي عوام کان وٺڻ، ايئن گيس جو به گردشي قرض عوام کان بلن ذريعي وصول ڪرڻ، ٽيڪس وصولين جي حدف ۾ پنج سو ارب روپين جو اضافو ڪرڻ يعني پنج سو ارب روپين جو اضافي ٽيڪس وصول عوام کان ڪرڻ ، ساڍن ٽن سو ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ، اسٽيٽ بينڪ کي خودمختيار ڪرڻ سوڌو مختلف شرطن تي عمل چاهي ٿو.

جڏهن آءِايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ بجلي،پيٽرول جي قيمتن ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ حڪومت اضافي ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل شروع ڪرڻ لڳي ٺيڪ انهن ڏينهن ۾ حڪومت پاڻ هرتو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي پاڪ فوج جي قيادت سان اختلاف منظر تي آندا.

ان سان ٿيو اهو جو سڄي ميڊيا  جو خيال مهانگائي بجاءِ انهن اختلافن ڏانهن ٿي ويو. اسلام آباد ۾ ان حوالي سان سازشي ٿيوريز ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آھن. چيو پيو وڃي ته حڪومت اهو اختلاف سوچيل سمجهل رٿابندي سان واريو آھي ۽ ان مامري کي ڊيگهه ڏيڻ به رٿابندي جو حصو آھي.

 ڊي جي آءِايس آءِ جي مقرري بابت اختلاف سامهون آڻي هڪ طرف حڪومت ڪيل مهانگائي واري سڀ کان وڏي مسئلي کي پسمنظر يا گهٽ نمايان ٿيڻ ڏنو آھي، ٻيو اهو ته ان سان عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي دادلي وارو تاثر به گهٽ ڪرڻ سان گڏ اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته اصولن خاطر عمران خان طاقتور ڌرين سان به مهاڏو اٽڪائڻ جي همٿ رکي ٿو.  ان سازشي ٿيوري بابت تفصيل ٻڌي ايئن لڳي ٿو ته حڪمت عملي ۽ سياسي رٿابندي ڪرڻ  عمران خان کانپوءِ دنگ آھي،

پر اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو ته جن ڌرين سان عمران بظاهر اختلاف واريا آھن انهن سان نواز شريف جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت رکندڙ حڪومت ٽڪرايو ته ڀاري طاقت به ان کي نه بچائي سگهي. عمران خان جي حڪومت ته اتحادين جي سهاري تي هلي رهي آھي. اتحادي به جي ڊي اي ، باپ، ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جهڙا جن لاءِ تاثر آھي ته انهن ڪڏهن به طاقتور ڌرين کي ناراض نه ڪيو آھي.

شيخ رشيد ته بار بار اهو چئي رهيو آھي ته فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي اختلاف نه آھن جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج جي قيادت ۾ ڪي اختلاف نه آھن ته 6 آڪٽوبر تي ٿيل ڊي جي آءِ ايس آءِ جي بدلي ۽ نئين مقرري مامرو اڃان ڇو التوا ۾ آھي  ۽ اهي خبرون ڪيئن ميڊيا تائين پهتيون ته عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي لاءِ جن جا نالا سمري ۾ آھن انهن جا انٽرويو ڪندو؟ ان عهدي تي مقرري لاءِ اهڙي نوعيت جو تڪرار ڪڏهن سامهون نه آيو آھي،

 ان پويان ڀلي ڪهڙو به مامرو هجي پر اهو عمل  سول ۽ عسڪري تعلقاتن بابت چڱو نه آھي.  مون گذريل هفتي به لکيو هو هاڻ به چوان ٿو ته ان جو امڪان گهٽ آھي ته ڇھه آڪٽوبر تي آءِ ايس پي آر پاران اعلانيل مقررين ۽ بدلين ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي. هاڻ ته انهن مقررين تي عملدرآمد ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي.

ڪورڪمانڊر گجرانوالا ڪمان سنڀالي ورتي آھي. ان ئي  18 آڪٽوبر واري ڏينهن آرمي چيف آءِ ايس آءِ هيڊڪوراٽر جو به دورو ڪيو آھي جتي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد کيس بريفنگ به ڏني آھي. بحرحال هاڻ اهو چيو پيو وڃي ته مقررين تي عملدرآمد ۾ دير ڪافي ٿي وئي آھي هاڻ ان تي عملدرآمد ٿيندو.اڪثر ماڻهو اهو ڄاڻين ٿا ته سول ۽ عسڪري قيادت وچ ۾نه رڳو  اهڙي وقت ۾ اختلاف سامهون آيا آھن پر انهن کي حڪومت  پاڻ منظر عام تي به آندو جيڪو وقت عام رواجي نه آھي. هن سال ان حڪومت کي 12 ارب ڊالرن جو قرض ادا ڪرڻو آھي جنهن حڪومت هڪ ارب ڊالر جي قسط وٺڻ لاءِ مهانگائي جي سونامي آندي آھي.

 آءِ ايم ايف وانگر  ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي تسليم ڪرڻ لاءِ حڪومت پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بنائي  جيڪا قانونسازي ايف اي ٽي ايف چئي اها ڪرائي وئي پر ايف اي ٽي ايف وٽان ڪا سٺي خبر ملڻ بجاءِ پاڪستان لاءِ  پريشان ڪن فيصلا ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

 مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي افغانستان جون حالتون خراب ٿي رهيون آھن انهن حالتن ۾ طاقتور ڌرين سان اختلافن بعد  حڪمران پارٽي لاءِ سياسي طور بند گهٽي مان نڪرڻ جهڙو هوندو. حڪومت مٿي ڄاڻايل مسئلن کان به سواءِ بلدياتي چونڊن ڪرائڻ جو مامرو درپيش آھي هن حڪومت جي اهڙي ڪارڪردگي بعد بلدياتي چونڊن ۾ کيس ڪيتري ڪاميابي ملي سگهندي اهو هر ڪو اندازو ڪري سگهي ٿو.

خراب ڪارڪردگي سبب هن حڪومت وٽ اهو به آپشن نه آھي جو  حڪومت پاڻ هرتو وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائي ڇو ته ان ۾ به عام چونڊن ۾ حڪمران جماعت کي خراب  ڪارڪردگي ۽ ڪيل مهانگائي سبب عوامي حمايت حاصل ٿيڻ جا بظاهر امڪان نظر نٿا اچن. ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ ڪابه پارٽي عدم اعتماد ذريعي پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽائي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي.

مخالف ڌر جون پارٽيون ملڪ اندر عام چونڊون چاهين ٿيون، بحرحال اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن وقت ڪجھه به ٿي سگهي ٿو. سو هن وقت به حالتون ڳنڀير آھن پر اهي حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون ۽ اهي ڪنهن  لاءِ سياسي طور فائدي واريون هونديون بابت پير کوڙي ڪو به ڪجھه نٿو چئي سگهي، ڇو ته اقتدار ۾ اچڻ سمورين سياسي ڌرين جو مقصد آھي سياست ۾ نظريا، اصول هاڻي ايئن لڳي ٿو ماضي جي ڪهاڻي ٿي ويا آھن.

 پهريان ٻڌاندا هئا سين ته اصولن خاطر اقتدار قربان ڪري سگهجي ٿو هاڻ اهو محسوس ٿئي ٿو ته اقتدار خاطر اصول ۽ نظريا پاسي تي رکي سگهجن ٿا، پر اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي جيڪو به عوامي سگھه کانسواءِ اقتدار ۾ ايندو اهو نظام کي تبديل نه پر کيس اقتدار ۾ آڻيندڙ کيس تبديل ڪري ڇڏيندا آھن. ڇو ته  ايئن ته نٿو ٿي سگهي نه ته جمعي خان جنهن کي جيڪا نوڪري ڏني آھي اهو جمعي خان بجاءِ جاڙي خان جي مرضي تي هلي. خير ملڪي سياسي حالتن ۾ تبديلي جا آثار نظر اچي رهيا آھن باقي  اها تبديلي مثبت هوندي يا منفي بابت فيصلو وقت ڪندو.