سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
645

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪمشنر سکر سوڌو ٻين عملدارن کي سنڌ ۾ برسات جي صورتحال ۽ ٻوڏ متاثرن جي جي سھائتا نھ ٿيڻ تي ڇنڊ پٽي وئي آھي

عدالت ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وزيرن جا نه، پر عوام جا ملازم آهيو، پاڻ کي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا ملازم نه سمهجو، آفيسر ايماندار هجن ها ته متاثر عدالتن ۾ نه اچن ها

عدالت چيو تھ سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو، امدادي سامان وڏيرن جي اوطاقن، بنگلن ۽ گُدامن ۾ رکيو ويو آهي، ڪنهن کي به انسانيت جو فڪر نه آهي، ڇا توهان ماڻهن کي مارن گهرو ٿا، انساني زندگيون قيمتي آهن، اُنهن کي بچائڻ گهرجي

Pakistan floods: Families forced to live in the open and rely on emergency food | The Independent

جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته بحالي ڪميٽي ۾ ايم پي ايز شامل هوندا ته اُهي ماڻهن سان گڏ پنهنجو به فائدو ڳوليندا، سنڌ ۾ سمورا رستا ٻڏل آهن، ماڻهن جي اچ وچ وڃ ناممڪن بڻجي وئي آهي، عدالت طرفان ڊي سي خيرپور جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس فوري پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو

ھي به پڙھندا

روھڙي ڪئنال جا در بند ڪري پاڻي ڪنڊيارو جي ڇنڊڻ وٽان درياھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو واپس

سيوهڻ تعقلي جي يوسي آراضي ۾ ڳوٺاڻن ريلوي لائين کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو، سيوھڻ کان دادو ويندڙ روڊ بند