سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ پروفسرز اينڊ ليڪچرز ايسوسيئيشن (سپلا) جي ٻئي ڌڙي به معاوضن جي دائيگي سميت مطالبن جي مڃتا تائين بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلاميه آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج سکر ٻاھران احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي پروفيسر محمد امير صديقي، پروفيسر رفيق احمد ڀٽار، پروفيسر ساجد شاھ، پروفيسر زبير سومرو، پروفيسر سيف الدين قريشي ۽ ٻين چيو ته ٻن سالن کان لطيف يونيورسٽي انتظاميا استادن کي ڊيوٽين جو معاوضو ادا نه پئي ڪري. هنن چيو ته يونيورسٽيءَ کي امتحانن جي مد ۾ اڍائي ارب رپيا ڪاليجن مان آمدني ٿئي ٿي، اِن باوجود انتظاميا استادن کي وقت سر معاوضا ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن واضح ڪيو ته جيستائين يونيورسٽي انتظاميا استادن جو رھيل معاوضو ادا نٿي ڪري تيستائين ڪاليج سائيڊ ايم اي، بي اي، بي ايس سي، بي ڪام جي امتحانن جي بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو. هوڏانهن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاريءَ جو چوڻ هو ته گذريل امتحانن جي مد ۾ استادن کي لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ٿي چڪيون آهن.