ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2 نه پر 4 جج صاحبن اعتراض ڪيوآهي ته پنجاب ۾ چونڊن واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي، جڏهن اهو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جي ضرورت ئي نه هئي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ججن جي اڪثريت واضح طور تي پنهنجو موقف ڏنو آهي ته اهو پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي. هن چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ۾ انهي کان به وڏا ڪيس التوا ۾ ناهن؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل جو ڪيس اڃا تائين التوا ۾ آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي ريفرنس لاءِ عدالت وٽ وقت ناهي. هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ڪيستائين هلندا؟  لاڏلي لاءِ عدالتون رات جو کوليون وينديون آهن، ڇا ملڪ  ائين ئي هلندو رهندو؟ هي لاڏلاازم ڪيستائين جاري رهندو؟ ، لاڏلازم ھاڻ  ملڪ لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته هر پارٽي چونڊن لاءِ تيار آهي پر اها ضمانت ڪير ڏيندو ته عمران خان نئين چونڊن جا نتيجا قبول ڪندو؟ ه هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غلط روايتون وجھي رهيو آهي، اسان به عدالتون ۽ جيل ڀوڳيا آهن پر اسان کي اهڙي رعايت ڪڏهن نه ناهي ملي. هن چيو ته قانون جي لتاڙ ڪندڙ عمران خان کي گرفتار ٿيڻ گھرجي،