لاڙڪاڻو/ نئون ديرو(رپورٽ: نادر ابڙو/ نورمحمد سومرو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لارجر بينچ چونڊن جو فيصلو ٻڌائي ته پيپلزپارٽي سڀاڻي ئي چونڊون وڙهڻ لاءِ تيار آهي، اسان انهي عدالت ۽ چيف جسٽس جِي لارجر بينچ جَي فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جو جلسو نئون ديرو هائوس ۾ٿيو ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس صاحب! پاڪستان کي بچايو، خدشو آهي ته تخت لاهور جي ويڙهه ۾ سمورو ملڪ ٻڏي ويندو، جيڪڏهن اِها بدنيتي ناهي ته لارجر بينچ بڻائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، اسان پارليامينٽ جي آمريت کي نه ٿا مڃون ته سپريم ڪورٽ جي آمريت کي ڪيئن مڃينداسين؟، ججز جو ڪم ئي ناهي ته هُو فيصلو ڪن ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، هن چيو ته 2018 ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪردار اسان جي سامهون آهي، افتخار چوڌري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ آمريت واري سوچ جو بنياد پيو، افتخار چوڌري کي هيرو بڻائي عدالت کي تباهه ڪيو ويو، تڏهن کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان جي جڊيشري جي هڪ آمراڻي سوچ قائم ٿي ۽ پوءِ ون مين ۽ ون شو جي جڊيشري هلي پئي، هن چيو ته افتخار چوڌري ته ڪمال ڪيو کيس پرويز مشرف هٽايو ۽ بحال اسان ڪرايو پر ان کي آئين ٽوڙيندڙ غدار مشرف نظر ئي نه آيو ۽ نظر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ ميمو گيٽ نظر آيو. مشرف کي آئين ٽوڙڻ تي اڄ تائين ڪنهن به سزا نه ڏياري سگهي ۽ يوسف رضا گيلاني جڏهن وزير اعظم بڻيو ته آئين نه ٽوڙڻ تي کيس گهر موڪليو ويو، هن چيو ته جمهوريت، ادارن ۽ سپريم ڪورٽ کي بچائڻ چاهيون ٿا، هاڻي سپريم ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ کان ڪير بچائيندو؟ جتي باقي ٽن ججن خلاف ٻيا جج پاڻ اعتراض واري عدم اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. اسان گهڻو برداشت ڪيو پر هاڻي پاڪستان جو عوام گهڻو برداشت نه ڪري سگهندو، پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن پنجاب يا تخت لاهور جو سوال اٿي ٿو ته اتي الڳ قانون هلي ٿو. تخت لاهور جي جڏهن ڳالهه هلي ته ڪنهن سان واعدو نڀائڻ لاءِ آئين کي ٽوڙايو ۽ عدالت غير آئيني فيصلو ٻڌائي پي ڊي ايم کان حڪومت کسي غير آئيني طريقي سان پرويز الاهي کي ڏياري وئي ۽ ان غيرآئيني فيصلي جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ آئيني بحران ۾ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي غلط فهمي آهي ته اهو هوندو! پر اهو به نه هوندو!. هڪ ٻيو خطرناڪ تجربو ٿيندو جنهن جي قيمت پاڪستان جي عوام کي چڪائڻي پوندي جنهن جو وزن پاڪستان جو ايندڙ نسل ڀوڳيندو، پ پ چيئرمين چيو ته اوهان مان ڪوئي مولوي مشتاق کي ياد ڪندو آهي؟ڪٿي دفن آهي ڇا ان جي ورسي ٿيندي آهي؟ ڇا اوهان کي ياد آهي ته انوارالحق ڪير آهي؟ ڇا ڪنهن هڪ پاڪستاني کي ان جو نالو ياد آهي؟ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ۽ تاريخ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، آئون دنيا ۾ جتي ويندو آهيان شهيد ڀٽو جو ذڪر ڪندا آهن، بلاول چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل ڪيس جنهن جو 2012ع ۾ صدر زرداري عدالت کي ريفرنس موڪليو هو ته اسان کي انصاف ڏيو، 2018ع کانپوءِ مان پاڻ سپريم ڪورٽ پهچي ان ريفرنس جو حصو بڻجڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيو ۽ پنهنجي اداري مٿان لڳل داڳ ڌوئي ڇڏيو اڄ تائين ملڪ جو عوام قائد عوام جي قتل جي انصاف جي اپيل ڪري ٿو.