اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو انگ ٻيهر وڌي ويو، 15 ڏينهن جي جاري ڪيل رپورٽ موجب 30 نومبر تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 52 هزار 190 آهي، 16 کان 30 نومبر دوران 840 نوان ڪيس داخل ٿيا، ساڳئي وقت دوران 675 ڪيس اڪلايا ويا، پهرين آڪٽوبر تائين ڪيسن جو انگ 50 هزار 369 هو، تقريبن 2 هزار ڪيسن جو اضافو ٿيو.