حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد سنڌ جي صدر محمد يوسف لغاري سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن، چئني صوبن جي هاءِ ڪورٽ جي ججن، پاڪستان بار ڪائونسل اسلام آباد جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي بار ڪائونسلن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، وفاقي لا منسٽر، صوبائي لا منسٽر پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ لاهور، سنڌ، پشاور، ڪوئيٽا، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز جي صدرن کي هڪ خط لکي اها گهر ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي جوڙجڪ صوبن جي برابري جي نمائندگي تحت ڪئي وڃي ته جيئن آئين ۽ قانون جي تشريح ٻين صوبن لاءِ به قابل قبول بڻجي سگهي.