اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ خلاف ڳٿن لفظن جو استعمال ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌريءَ چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي بنيادي ڪم سان ڪم رکي، ان جو بنيادي ڪم حقن جو تحفظ آهي، عدالتن جي بنيادي حقن تي ڪارڪردگي شرم جوڳي آهي. هن چيو ته عدالتون پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائين ۽ اسان کي سياسي نظام تي ڀاشڻ ڏين بند ڪن، سياسي نظام ۾ تبديلي پاڪستان جي عوام جو حق آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري پهرين به ڀڙڪيون هندو هو، چيو هئائين پنجاب ۾ حڪومت ٺهڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي وٽ ووٽر ته پري اميدوار به ناهن، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بيان تي ٽويئٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري چوڌري شجاعت جي پيرين پئي خط لکرايو، ان باوجود هڪ به ايم اين اي نه ٽوڙي سگهيو، قومي اسيمبلي جا 20 ماڻهو پيسا وٺي به آصف زرداري ڏانهن نه ويا.