اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اپيلن تي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت اڳوڻي چيئرمين ۽ آفيسرز جون اپيلون اڪلائيندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني، عدالت رمارڪس ڏنا ته پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون قانون ٺهڻ بعد اپيلون اثر انداز نه ٿيون ٿي سگهن، ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿي، عدالت چيو ته جن آفيسرن جي مقرري جو عمل مڪمل ٿي چڪو هو اهي برقرار رهندا، جيڪي ميڊيڪل آفيسر مقرري بعد فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن اهي به برقرار رهندا. عدالت چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن سمورن درخواستگذارن جو انفرادي جائزو وٺي موجود آسامين تي درخواستگذار ميرٽ تي پورا لهن ٿا ته مقرر ڪيو وڃي، صوبائي آفيسرن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جيڪي آفيسر ڪم ڪري رهيا هئا، انهن کي ٻڌڻ بنا ڪڍيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪيو جيڪو آئين جي خلاف آهي، هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ناهي.