سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقررڪري ورتي

0
169

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف درخواست اڄ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ورتي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 2 وڳي ٻڌڻي هلائيندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل آهن

 عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف هڪ ٻي درخواست به سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي، عمران خان جي آزاديءَ جو حڪم ڏيڻ ۽ گرفتاريءَ جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

ايڊوڪيٽ محبوب اسلم گجر پاران داخل ڪرايل درخواست ۾  عمران خان جو تحفظ يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي، عمران خان پاران گرفتاريءَ بابت اضافي دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا

عمران خان نيب ڪال اپ نوٽيس ۽ ڊي جي نيب کي لکيل خط جي ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي، نيب چيئرمين خلاف داخل ڪرايل پٽيشن ۽ حلفي بيان به جمع ڪرايو ويو

 عمران خان درخواست ۾ چيو آهي ته مون کي بايوميٽرڪ تصديق دوران غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو، منهنجي وڪيلن گوهر علي ۽ علي بخاري سان گرفتاري دوران بدتميزي ڪئي وئي، هنن جي اکين تي زهريلي اسپري ڪئي وئي، اضافي دستاويزن کي ريڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي استدعا ڪئي وئي

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار

تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي: بلاول ڀٽو