اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي بحال ڪري ڇڏيو، سروس ٽربيونل جي خصوصي بينچ جي فيصلي خلاف غلام محمود جي درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي گڏيل جاچ ٽيم به بحال ٿي وئي، سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، سندس وڪيل چيو ته غلام محمود کي فيڊرل سروس ٽربيونل بحال ڪيو هو، پر سروس ٽربيونل جي ٻه رڪني بينچ ئي بحالي جو فيصلو معطل ڪيو، ٻه رڪني بينچ ايئن نٿي ڪري سگهي، حڪومت جي نظرثاني درخواست به ٻڌڻي هيٺ آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٽربيونل هڪ بينچ جو فيصلو ٻي بينچ ڪيئن معطل ڪري سگهي ٿي؟ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.