سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا کي ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي اعتراف بعد 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

0
218

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا کي ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جي اعتراف بعد 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آھي

سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو ويو، فيصل واوڊا ٻٽي شهريت بابت ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو اعتراف ڪندي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي ورتي آھي، سينيٽ جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان به ڪيو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال فيصل واوڊا کي چيو ته توهان ٽن سالن تائين سڀني کي گمراهه ڪيو، عدالت آڏو پهرين معافي وٺو ۽ پوءِ چئو ته استعيفا ڏيان ٿو، عدالت آڏو معافي وٺندئو ۽ سٺي نيت سان استعيفا ڏيندئو ته نااهلي 5 سالن جي هوندي استعيفا نه ڏيڻ جي صورت ۾ توهان خلاف 62 ون ايف جي ڪارروائي ٿيندي

فيصل واوڊا چيو ته عدالت کان غير مشروط معافي وٺان ٿو، ڪوڙو حلفي بيان ڏيڻ جي نيت نه هئي، عدالت جو جيڪو حڪم هوندو قبول هوندو، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته توهان کي جيڪو چيو پيو وڃي اهو عدالت جي آڏو پاڻ چئو

فيصل واوڊا چيو ته تسليم ڪيان ٿو ته سٺي نيت سان پاڻ استعيفا ڏني، آرٽيڪل 63 ون سي تحت نااهلي تسليم ڪيان ٿو، سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي معافي تسليم ڪندي سندس تاحيات نااهلي جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي