اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 25 اي بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته پهريان سرڪاري ملازم پئسا ڏئي ڪلين چٽ وٺندا هئا پوءِ وري ساڳيو ڪم ڪندا هئا، قانون ۾ جهول هو، اهو نئين ترميمن ۾ ختم ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پاڻمرادو نوٽيس جو مقصد پورو ٿي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ رقم جي رضاڪاراڻي واپسي بعد عهديدارن جي ٻيهر بحال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، 2022ع ۾ نيب جي سيڪشن اي کي به هاڻ ڏوهه تصور ڪيو ويندو، جيڪا سزا پهريان پلي بارگين ۾ هئي اها هاڻي رضاڪاراڻي واپسي ۾ به شامل آهي، رقم رضاڪاراڻي واپسي بعد سرڪاري عهدي تي 10 سالن تائين پابندي هوندي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته موجوده ڪيس کي نيب ترميمن بعد ٻڌو وڃي، عدالت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائيندي قرار ڏنو ته ڪيس ۾ نيب جي سمورين ترميمن کي چيلنج ناهي ڪيو ويو، هي ڪيس اڪلايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ سيپٽمبر 2016ع ۾ نيب رضاڪاراڻي رقم واپسي بابت قانون تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.