سپريم ڪورٽ: رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد

0
266
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف عدالت کان مٿانهون قتل ڪيس ۾ سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ داخل نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت چيو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو وڃي، جيڪڏهن توهان رليف حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته نئين درخواست داخل ڪرايو

رائو انوار جي وڪيل چيو ته رائو انوار جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ٽرائل ڪورٽ رائو انوار جي ضمانت منظور ڪري ورتي، هو هر ٻڌڻي تي پيش ٿي رهيو آهي

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت جي چوڻ تي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو وڃي