اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي اعليٰ عدليه جي ججن جي پگهارن، مراعتن، ۽ پلاٽن جا تفصيل طلب ڪندي هڪ ڀيرو وري سپريم ڪورٽ جي خرچن جي آڊٽ جي هدايت ڪري ڇڏي،  پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي اسلام آباد جي سيڪٽرن ۾ گهرن جي مالڪن جي آمدني ۽ ٽيڪسن جا تفصيل به جانچ پڙتال ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آھي. تفصيل موجب نور عالم خان جي صدارت ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، ڪاميٽي چئرمين نور عالم خان ايف بي آر عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته  اسلام آباد جي پوش سيڪٽرن ۾ گهرن جي مالڪن جي آمدني ۽ ٽيڪس تفصيل به طلب ڪيا ويا هئا  ان حوالي سان به رپورٽ نه ملي آھي  انهن کان پڇيو وڃي ته ايف سڪس ، ايف سيون جهڙن علائقن ۾ پلازه ڪيئن ٺهيا آھن هڪ هڪ گهر جو ڪرايو 25 لک تائين آھي هن هدايت ڪئي ته جي 6 کان جي 13، ايف 6 کان ايف اليون ۽ اي 7 سيڪٽر مالڪن کان آمدني ۽ ٽيڪس تفصيل ورتا وڃن، جنهن تي ايف بي آر چيئرمين چيو ته سي ڊي اي کان ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪيو آھي،  سي ڊي اي کان رڪارڊ ملي ته ڊور ٽو ڊور تصديق ٿيندي،  پي اي سي ايف بي آر کان ان حوالي سان هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايف بي آر پاران آڊٽ جو مڪمل رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو،  پي اي سي ڪابينا ڊويزن ۽ ناڻي وزارت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آھي،  پي اي سي وزارتن ۽ انهن جي ادارن توڙي ڪارپوريشنون آڊٽ مڪمل فراهم ڪن، ايف بي آر چيئرمين چيو ته آڊٽ کي ايف بي آر جي مڪمل رڪارڊ تائين رسائي نه ٿي ڏئي سگهجي،  پي اي سي ايف بي آر پاران رڪارڊ جي عدم فراهمي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي هڪ مهيني ۾ اعلي عدليه جي ججن جي پگهارن مراعتن، ججن کي مليل پلاٽن  جا تفصيل طلب ڪري ورتا آھن،  پي اي سي سپريم ڪورٽ جي خرچن جي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ايف بي آر جي سال 2021-22 جي  آڊٽ رپورٽ ۾ 143 ارب 11 ڪروڙن جي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪندي آڊٽ اختيارين ايف بي آر جي نو فيلڊ آفيسن آمدني جو تخمينو درست نه لڳائڻ سبب ٽيڪسن جي مد ۾ 40 ارب رپين جو نقصان ٿيو آھي.