لنڊن (م ڊ) نواز ليگ جي قائد نوازشريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ون مين شو آهي، ٽن ججن خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ گهرجي، ملڪ جو چيف جسٽس وزيراعظم، گهرو وزير، دفاع جو وزير، اليڪشن ڪمشنر ۽ پارليامينٽ ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ جي قائد نوازشريف چيو ته پاڪستان 70 ورهين جي تاريخ ۾ عدليه جا فيصلا تڪراري رهيا آهن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ملڪ جو چيف جسٽس وزيراعظم، گهرو وزير، دفاع جو وزير، اليڪشن ڪمشنر ۽ پارليامينٽ بڻجي وڃي، هن چيو ته اسانجي فل ڪورٽ جي استدعا کي ڇو رد ڪيو ويو ۽ 3 رڪني بينچ تي ئي اصرار ڇو ڪيو ويو، ادارو جڏهن هڪ ڪرپٽ جج جو تحفظ ڪندو ته اداري جي ساک نه رهندي. نوازشريف چيو ته عدليه سدائين آمرن لاءِ نظريه ضرورت ايجاد ڪيو آهي ۽ اسان جهڙن وزيراعظمن کي هڪ وڌيڪ ڌڪو ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته آمرن کي عدالت سيني سان لڳائيندي آهي، مونکي عدالت پاران سسلين مافيا ۽ گاڊ فارد چيو ويو، ٻٽي معيار جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، آئين ٽوڙيندڙن کي آئين سان کيڏڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جي رٽ ختم ڪئي وئي آهي، مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ ۾ حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪيئن هلندي، پارليامينٽ سڀ کان سپريم ادارو آهي، ان ۾ ڪيل قانونسازي جي به ڪا اهميت نه ٿي سمجهي وڃي، هڪ هفتو اڳ پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو، ان جي به پرواهه نه ڪئي وئي، جيڪو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا توري ڏکڻ ايشيا ۾ ڪٿي ناهي ٿيندو، اسان 70 سالن کان اهي تماشا ڏسي رهيا آهيون ته آمرن کي سيني سان لڳايو ويندو آهي ۽ چونڊيل وزيراعظم کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو ويندو آهي. هن چيو ته مونکي هڪ جج هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو هو ته توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته اڊيالا جيل ۾ گهڻي جاءِ پئي آهي. نوازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن منهنجي خلاف فيصلا ڏنا، سڄو ملڪ ڄاڻي ٿو ته منهنجي خلاف غلط فيصلو ڏنو ويو هو، جيڪڏهن اهڙي قسم جا فيصلا ايندا ته ڊالر 500 رپين تائين پهچي ويندو، داليون، سبزيون، اٽو، کنڊ سميت هر شئي خريداري جي سگهه مان نڪري ويندي، اهڙين حربن سان هي نوازشريف کي سزا ڏيڻ چاهين ٿا پر اصل ۾ سزا پاڪستان جي عوام کي ملي رهي آهي، هي سڀ جتن هڪ شخص عمران کي ٻيهر آڻڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن.