ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)  غربت  جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان پاڪستان ۾ امن جو حامي ناهي، هي ملڪ جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي.عمران نيازي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪوڙو انسان آهي، هو هڪ کانپوءِ ھڪ ٻيو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان ملڪ جي امن ۽ يڪجھتي جي فضا کي پڻ خراب ڪرڻ چاهي ٿو, عمران خان ڪڏهن به پنهنجو خرچ پاڻ برداشت نه ڪيو آهي، ان سان  اي ٽي ايم هميشه گڏ هوندا آهن، ڪالهه هتي سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن عمران خان ملڪ جي معصوم ذهنن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، هو  رڳو انتشار جي سياست ڪري رهيو آهي، جيڪو رڳو گارين ۽ نفرت ڦهلائڻ ۾ يقين رکي ٿو. هن چيو ته عمران خان جو خاندان ملڪ ۾ نٿو رهي، سندس ٻار  پرڏيهه ۾ آهن، عمران خان پاڻ اخلاق جا سبق سيکاري ٿو پر پاڻ اخلاقيات تي عمل نٿو ڪري، عمران خان جي هڪ عورت سان تصوير آهي، جيڪا ٻارن جي غير قانوني اسمگلنگ ۾ ملوث رھي آهي  هن ته 22 جولاءِ تي پنجاب اسيمبلي جي ڪارروائي عدالتي حڪم تي هلي، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته حمزه مامري تي 14 رڪني فل بينچ قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته ضرورت جو نظريو دفن ٿي چڪو، عدالتي حڪم  سڀني  لاءِ برابر هجڻ گهرجي.