سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي هندو برادري سان تعلق رکندڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل منوج ڪمار تيجواڻي سالياني اليڪشن ۾ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي طور منتخب ٿي ويو، جنهن بعد سکر جي هندو برادري ۾ خوشي جي لهر اچي وئي آهي،  ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين طرفان مٺايون ورهائي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون، ان حوالي سان منوج ڪمار جو چوڻ ھو ته آئون سڀني دوستن ۽ هندو ڌرم سان واسطو رکندڙن جو ٿورائتو آهيان، سٿ جي ساٿين جو شڪر گذار آهيان، جن ڀرپور ساٿ ڏنو .