سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان مجب وطن آهي: آصف علي زرداري

0
327

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري زرداري چيو آهي ته سڄي قوم کي نظر اچي پيو ته ملڪ لاءِ فتنو ڪير آهي؟ اڄ سڀني کي انسان ۽ حيوان جي خبر پئجي وئي

صدر آصف علي زرداري زرداري پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي، جيڪو اسان جي جيئري پورو نٿو ٿي سگهي، انهي شخص جي خاطر ادارن ۽ جرنيلن کي تڪرارن جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو

PTI Attock Jalsa: Protest movement to continue till elections announcement

آصف علي زرداري موجب سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان مجب وطن آهي، سموري قوم ھن وقت ٻوڏ سٽيلن سان گڏ بيٺل آھي، قوم ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي

ھن چيو تھ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ بھ صرف وفاقي حڪومت نظر اچي رھي آھي، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتون صرف جلسن جي تيارين ۾ مصروف آھن

ھي به پڙھندا

ڇا عمران خان فوج بابت بيان ڏئي سندن مورال ڊائون ڪرڻ گهري ٿو؟: چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ