مٽياري (رپورٽر) سپاف تعلقي مٽياري جو سرگرم اڳواڻ ارسلان ميمڻ ڊگهي عرصي تائين ڪينسر سان جهيڙيندي وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز ۾ سوين شهرين شرڪت ڪئي، جنازي نماز ۾ ڪو به پ پ اڳواڻ شريڪ نه ٿيو. ارسلان ميمڻ پٽ اسلم ميمڻ گهڻي عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. سندس والد اسلم ميمڻ آيم آر ڊي تحريڪ واري عرصي کان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته سندس پٽ پڻ پيپلزپارٽي تعلقي مٽياري جو سرگرم اڳواڻ رهيو. سندس جنازي ٻئي طرف جنازي نماز ۾ شهرين جو وڏو تعداد موجود هو جتي سوين آلين اکين سان سندس مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.