ڪراچي: تعليم کاتي ۾ 60 هيڊ ماسترن جون ترقيون ورڪنگ پيپر مڪمل جڻ باوجود ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ويون! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ 60 هيڊ ماسترن کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر هيڊ ماستر جي عهدي تي ترقين جي منظوري لاءِ تعليم کاتي جي اختيارين پاران ورڪنگ پيپر پيش ڪيا ويا، انهي باوجود سکر، حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي مختلف ضلعن جي هيڊ ماسترن کي مٿين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏيڻ بجاءِ سندن ترقين وارو عمل ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.