سٺ ميل (ن پ ا ) سٺ ميل ۾ ڇٽا برادري پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿي ويا سٺ ميل جي ڳوٺ محمد حسن ڇٽو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ پهلوان نور محمد ڇٽو احمد ڇٽو پنهنجي ڇٽا برادري سميت پ پ ضلعي  صدر علي اڪبر جمالي جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي خيرآباد ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي ان موقعي تي پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي پي ٽي آء عوام لاء ڪجه به ناهي ڪيو عوام کي حق ڏيارڻ لاء صرف پ پ جدوجهد ڪري رهي آهي ان موقعي تي الهوسايو لنڊ، سيد جنيد شاهه، حاجي غلام مصطفيٰ بروهي، محمد رفيق ڇٽو، علي شير سولنگي ۽ ٻيا ڪيترائي پارٽي ڪارڪن موجود ھئا.