سٺ ميل (ن پ ا)سٺ ميل شھر ۾ ايندڙ سرڪاري ريٽ تي اٽو غريب ماڻھن کي نه ملي سگھيو، روزاني جي بنياد تي روينيو ۽ فوڊ کاتي جا ملازم کڻي ايندڙ اٽو من پسند ماڻھن کي ڳوٺن ۾ لاھي ڏيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري مستحق ماڻھو صبح کان انتظار ۾ بيهي واپس هليا وڃن ٿا، ڪالهه ڪيترائي ماڻھو اٽو وٺڻ لاءِ انتظار ڪرڻ بعد رڪشا پويان ڍوڙندا رھيا پر کين اٽو ملي نه سگهيو، ان موقعي تي پوليس اھلڪار فياض ڏھراج اٽي جي انتظار ۾ بيٺل ماڻهن کان شناختي ڪارڊ وٺي ٻن ڏينھن کانپوءِ اٽي ملڻ جا ٺلھا آسرا ڏيندو رھيو، اهلڪار جو چوڻ ھو ته مونکي ڪنھن به نه چيو آھي مان خود ڪارڊ وٺي رھيو آھيان، شهرين چيو ته نه اٽو ملي ٿو ۽ نه ئي شناختي ڪارڊ واپس ڏنا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته سستو اٽو مهيا ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.