سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ويجھو ڳوٺ  سلطان مري وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ عبدالرحيم واسي غلام سرور ڦل سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي سٺ ميل پوليس دوڙ اسپتال کڻائي آئي، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سٺ ميل پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،