سُپر ٽئڪس لڳڻ سان صنعتون بند ٿي وينديون: شوڪت ترين

0
213
سُپر ٽئڪس لڳڻ سان صنعتون بند
سُپر ٽئڪس لڳڻ سان صنعتون بند ٿي وينديون: شوڪت ترين

ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير  شوڪت ترين چيو آهي ته 10سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳڻ سان صنعتون ويهجي وينديون، فيڪٽريز بند ٿي وينديون ۽ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو

پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين وڏين صنعتن تي ٽئڪس جِي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جن 13 شعبن تي ٽئڪس لڳايو ويو آهي، اُن سان صنعتن تي ٽئڪس جِي شرح وڌي 45 کان 50 سيڪڙو ٿي ويندي

هن چيو ته حڪومتي قدمن سان ننڍو واپاري تباهه ٿي ويندو، فڪس ٽئڪس سان وڏيون مڇيون ٽئڪس دائري مان نڪري وينديون

شوڪت ترين چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو، پوءِ به 400 ارب رُپيا روينيو آيو، هاڻوڪن حڪمرانن ملڪ کي ڏيوالپڻي تائين اسان نه، پر ڌڪيو آهي