سُپريم ڪورٽ جو ڪم پنچائت يا ٽياڪڙي نه، آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪرڻ آهي: وزير اعظم

0
387
سُپريم ڪورٽ جو ڪم پنچائت يا ٽياڪڙي نه
سُپريم ڪورٽ جو ڪم پنچائت يا ٽياڪڙي نه، آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪرڻ آهي: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي سُپريم ڪورٽ جو ڪم پنچائت يا ٽياڪڙي نه، آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪرڻ آهي، حڪومت کي 3 رُڪني بئنچ جو فيصلو قبول ناهي، حڪومتي اتحادين ۾ اتفاق آهي ته چونڊون آڪٽوبر يا نومبر ۾ ٿينديون

وزير اعظم چيو ته 13 آگسٽ تي پارليامينٽ جو مُدو پورو ٿيندو، اُن جي ٽن مهينن بعد نومبر ۾ چونڊون جي تاريخ ٺهي ٿي، سُپريم ڪورٽ چونڊن جي فنڊز بابت جواب گهريو آهي، پارليامينٽ چونڊن جي فنڊز بابت فيصلو ڪري چڪي آهي، چاهيون ٿا پارليامينٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي

 حڪمران اتحاد جي اجلاس کي خطاب دوران عمران خان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي

هن چيو ته حڪومت اڃا تائين چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪمران اتحاد اِن راءِ جو آهي ته ڳالهين جا دڳ بند نه ڪرڻ گهرجن، اِن لاءِ طريقيڪار طئه ٿي سگهي ٿو، هڪ راءِ اها به آهي ته اسپيڪر ذريعي ڳالهيون ٿين ۽ پارلياماني ڪميٽي اُن لاءِ گنجائش پيدا ڪري

هن کي به پڙهندا

سُپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ٿي وئي

پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو