لاهور (م ڊ) ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته عمران خان، شهباز شريف، مفتاح اسماعيل سچ ناهن ڳالهائيندا. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته اسان کي مڃڻ گھرجي ته اسان ڏيوالي جو شڪار ٿي چڪا آهيون. لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي شبر زيدي جو چوڻ هو ته پاڪستان جو دڪان ان طرح نٿو هلي سگھي، ملڪ هيٺ پيو وڃي. هن چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته اسان جو ڏيوالو ناهي ٿيو، اسان هر سال ٻڙي کان شروعات ڪندا آهيون. ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان جو پهريون مسئلو اهو آهي ته اسان سچ ناهيون ڳالهائيندا، عمران خان، شهباز شريف، مفتاح اسماعيل سچ ناهن ڳالهائنيدا، مونکي نٿو لڳي ڪيئن بچنداسين، شبر زيدي جو چوڻ هو ته اسان جي، جي ڊي پي 375 ارب ڊالر آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي شرح 10 سيڪڙو آهي. هن جو چوڻ هو ته مان آخري ماڻهو هئس جنهن عمران خان کي چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو. شبر زيدي چيو ته هن موجب سي پيڪ منصوبو عمل جوڳو ناهي، پئسا ڪٿان کان ايندا، ڪيئن ايندا، ڪا خبر ناهي، اسان جي ٽيڪس ڪليڪشن جو 60 سيڪڙو 400 ٽيڪس پيئر ڏيندو آهي. هن چيو ته کيس عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ آءِ ايم ايف جي مڪمل سپورٽ هئي، آئون ايف بي آر جو مضبوط چيئرمين هئس پر 8 مهينن کانپوءِ فيصلو ڪيو ته ڪم نٿو ڪري سگھان.