ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سي پيڪ رٿا جي سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيل سنڌ پوليس جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪانسٽيبلز ( سپاهين) جي 1500 آسامين تي ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڀرتي لاءِ سنڌ جي ڪنهن به ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ اميدوار اهل هوندا، تعليم گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ ۽ عمر 18 کان 28 سال هجي، اميدوار 5 اپريل تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.