اسلام آباد (م ڊ) سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين عاصم سليم باجوا چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن تحت نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عاصم سليم باجوا ٻڌايو ته سي پيڪ جي نئين اڪنامڪ زونز جي گرڊ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، گوادر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ اڪنامڪ زون ۾ نئين صنعت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سامهون اچي رهيو آهي.