سي ٽي ڊي پُڇيو ته دهشتگردن سان توهان جا ڪي واسطا آهن، الزامن کي رد ڪيو آھي:فاروق ستار

0
220

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي پُڇيو ته دهشتگردن سان توهان جا ڪي واسطا آهن، مون الزامن ۽ دهشتگردن سان واسطن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو، متحده سان 30 سالن سان واڳيل رهيا آهيون، نائين زيرو تي ماڻهو ايندا هئا ۽ تصويرون ڪڍرائيندا هئا، اُن بنياد تي لاڳاپن جا الزام نٿا لڳائي سگهجن، اسان سدائين دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي ۽ امن لاءِ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون، متحده بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي آڏو پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، فاروق ستار چيو ته ٺاڪر مون کي ٻانهن کان پڪڙي زوري وٺي وڃي ٿو، ڪنهن ٻي پارٽي جي سربراهه سان اهڙو رويو ناهي رکيو، خبر ناهي ته وڏي وزير کي ڇو ناهي گهرايو ويو، توهان جو ڪُتو ٽومي ۽ اسان جو ڪُتو، ڪُتو، هتي ٻٽو معيار موجود آهي، ماضي ۾ به شڪايت رهي آهي ته سياسي بُنيادن تي ماڻهن کي گهليو ويندو.