لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي لاڙڪاڻو پابندي مڙهيل تنطيم سان واسطو رکندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس وٽان بارودي مواد هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سي ٽي ڊي پوليس ڊرگهه لنڪ روڊ تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي حد ۾ ٽن شڪي ماڻهن جي تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس ٽن مان هڪ جوابدار محمد علي چانڊيو ولد علي گوهر چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس وٽان بيگ ۾ بال بئرنگ، ڪوڪا، نٽ بولٽ، اليڪٽريڪل ڊيٽونيٽر، سيفٽي فيوز، ڪاري تار، ٻه عدد مقامي ساخته بم، هينڊ ميڊ مواد جو باروي مواد هٿ ڪيو ويو جڏهن ته اونداهي جو فائدو وٺندي جوابدار جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.  پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هو پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي جو ميمبر رهڻ سان گڏ قومپرستن جماعت جسمم جو اهم ميمبر به رهيو آهي جڏهن ته سندس ساٿي نور احمد ولد گل حسن چانڊيو ڪمانڊر ايس آر اي مالي مدد فراهم ڪندو هو، گرفتار جوابدار وٽان هڪ پرس، شناختي ڪارڊ ۽ 1200 رپيا روڪ رقم ۽ بارودي مواد هٿ ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.