سي ٽي ڊي عمران خان جي قتل جي سازش جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

0
330
سي ٽي ڊي عمران خان

پشاور (ڊيسڪ رپورٽ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) عمران خان جي قتل جو  ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن افغانستان جي ھڪ قاتل جون خدمتون حاصل ڪيون آھن جيڪو امڪاني طور ڪنھن وقت بھ حملو ڪري سگھي ٿو

تفصيل موجب سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه ٿريٽ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آھن

ذريعن موجب دهشتگردن افغانستان جي ھڪ قاتل جون خدمتون حاصل ڪيون آھن ھو ڪنھن وقت بھ حملو ڪري سگھي  ٿو

گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ ڪلر کي ڀرتي ڪيو ويو آهي

ڄاڻايل ٿرريٽ الرٽ جو متن مختلف فورمز تي شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب هڪ افغان قاتل کي عمران خان کي نشانو بڻائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي

سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اڳوڻو وزيراعظم جي سڪيورٽي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

نيب قانون ۾ ترميم سان مافيا کي اين آر او ڏنو ويندو: عمران خان