سي ايس ايس امتحان: رڳو 2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب

0
252
سي ايس ايس امتحان: رڳو 2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب
سي ايس ايس امتحان: رڳو 2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سي ايس ايس 2022ع جي حتمي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ايف پي ايس سي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سي ايس ايس 2022ع جي لکت واري امتحان ۾ 20262 اميدوار ويٺا، جن مان رڳو 393 اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا

پڌرائي موجب ڪامياب اميدوارن ۾ 223 مرد ۽ 151 عورتون شامل آهن، سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪاميابي جو ريشو 1.85 سيڪڙو رهيو

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪامياب اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي سروس گروپ به ڏنا ويا آهن، ڪميشن 374 اميدوارن کي گريڊ 17 ۾ ڀرتي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن ۾ 146 مرد ۽ 91 عورتن کي گريڊ 17 ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي