سي ايس ايس آفيسرن جا ڪارناما ڪهڙا ؟ … جاويد احمد

0
149

 ھي سڀ سي ايس ايس CSS ڪري سول سروسز ۾ ڀرتي ٿيندڙ نوجوان آھن،  ھنن کي ڪنهن قدر دنيا جو نه ته به پاڪستان جو ذھين ترين طبقو مڃيو ويندو آ . ملڪ جي گذريل پنجھتر سالن جي تاريخ ۾ ھنن مان ڪو ھڪڙو به ذھين ٻڌايو جنهن پاڪستان پوسٽل سروس ( پوسٽ آفيس ) کي ٽي سي ايس TCS ، پاڪستان ريلوي کي فيصل موورز يا ڊائيوو Daewoo ،  نيشنل بينڪ کي اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ ، سول اسپتالن کي آغا خان يا لياقت نيشنل اسپتال جھڙو سھولت يافته يا انھن جھڙو درجو ڏياريو ھجي جنهن تي قوم يا ملڪ ڪو فخر ڪري يا ايندڙ مريضن کي ڪو خاطرخواھ فائدو رسي سگھيو ھجي….؟  بس اھو ٿيندو آ ته آفيسر پنهنجي دور ۾ لٽ مار جو ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي رٽائرمينٽ وٺندا آھن ۽ پوءِ ڪنهن ٿڌڙي ملڪ ۾ آڪھه سميت شفٽ ٿي ويندا آھن ۽ پاڪستان جي سموري سسٽم کي اتان ويھي گاريون ڏيندا ، دنيا جي ٽي وي چينلس تي ويھي تبصرا ڪندا آھن…!!!  اھا ئي حقيقت آ اسان جي ٽيلينٽ جي ، ھوشيارپ جي ، ڏاھپ جي ۽ پڙھئي لکئي شعور جي… (فيس بوڪ وال تان ورتل)