سيڪيورٽي خدشن جو جواز بڻائي نيوزي لينڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو، سيريز ملتوي

0
592
سيڪيورٽي خدشن جو

ڪراچي:نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.

اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ دير جو شڪار ٿي، جنهن حوالي سان خبرون سامهون آيون ته شايد ڪورونا جي ڪري رانديگرن کي هوٽل ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پھرين ون ڊي ميچ  جي آغاز ۾ دير ٿي ھئي، جنھن جي حوالي سان خبرون سامھون آيون آھن تھ شايد ڪورونا جي ڪري رانديگرن کي ھوٽل ۾ ئي رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.

ھاڻ ان ڳالھ جي تصديق ٿي وئي آھي تھ نيوزي لينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان کي سبب سيڪيورٽي خدشا ٻڌايو ويو آھي.

واضح رھي تھ ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پھرين ميچ اڄ کيڏي وڃڻي ھئي.

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم سيڪيورٽي خدشن سبب راولپنڊي ۾ پهرين ون ڊي ميچ لاءِ اسٽيڊيم اچڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ميچ ملتوي ڪئي وئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پي سي ڪيترائي ڪلاڪ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪيوي ٽيم ڳالهه نه مڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هن مامري تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

ھي به پڙھندا

 

پي سي بي پاران سيريز ملتوي ٿيڻ جي تصديق