ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 25 ڪروڙ رپين ڏيڻ جي پنجاب حڪومت جي آڇ قبول نه ڪئي ۽ صاف چئي ڇڏيو آهي ته سيڪيورٽي جي مد ۾ هڪ پئسو به نه ڏنو ويندو. پنجاب حڪومت خرچ ڪرڻ جي حامي نه ڀري ته اڱاري کان پي ايس ايل جون ميچون لاهور کان ڪراچي منتقل ٿي وينديون. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نگران پنجاب حڪومت وچ ۾ سيڪيورٽي جي مد ۾ ادائگيءَ تي تڪرار وڌي ويو آهي. ذريعن موجب نگران پنجاب حڪومت 25 ڪروڙ جو خرچ کڻڻ ۽ 25 ڪروڙ بورڊ طرفان کڻڻ جو پيغام پي سي بي کي پهچايو هو جنهن کانپوءِ پي سي بي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بورڊ پنهنجي فيصلي تي قائم رهندو ۽ ان ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي، سيڪيورٽي جي مد ۾ هڪ رپيو به نه ڏنو ويندو. پي سي بي پنجاب حڪومت کي پيغام موڪلي ڇڏيو ته پي سي بي هڪ پئسو به نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن معاملو حل نه ڪيو ويو ته ٻن ميچز کانپوءِ اڱاري تي پي ايس ايل 8 ۾ لاهور جون ميچز ڪراچي ۾ ٿينديون.