حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ توهين عدالت واري درخواست تي سيڪريٽري تعليم کي پبلڪ اسڪول جي آءِ بي اي سکر سان ٿيل معاهدي وارو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آءِ بي اي سکر سميت لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين 27 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو. غلام قادر چاچڙ، لائق احمد ۽ ٻين درخواست داخل ڪرائي هئي ته لاڳاپيل عدالت 2015ع دوران پبلڪ اسڪول جا اختيار بي او يو تحت ڊويزنل ڪمشنر کي چيئرمين بڻائي سندس حوالي ڪيا هئا پر 2019ع دوران اڳوڻي ڊويزنل ڪمشنر محمد عباس بلوچ آءِ بي اي سکر سان ايم او يو تي صحيح ڪري تاريخي اسڪول جا سمورا اختيار سندن حوالي ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري لاڳيتو اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد توڙي ماسترياڻين جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته هاڻي نيون ڀرتيون ڪري پراڻن استادن توڙي اسٽاف جي ملازمن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي. ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. وڪيل ٻڌايو ته لاڳاپيل عدالت جي فيصلي باوجود اڳوڻن عملدارن پبلڪ اسڪول جا انتظام آءِ بي اي سکر حوالي ڪري اسڪول کي ڪمرشل بڻائي ڇڏيو آهي. عدالت لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان آءِ بي اي سکر سان ڪيئن معاهدو ڪيو جڏهن ته اوهان کي عدالت به ان عمل کان روڪي چڪي آهي جنهن تي عملدار ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏئي سگهيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سيڪريٽري تعليم سميت عملدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.