سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڪن ڪٻر مان 17 ورهين جي ناري نغمہ ڌيءُ غلام شبير مبينا طور  اغوا ٿي وئي، ان ڏس ۾  ناري جي امڙ شهزادي ملاح، مسمات روشن ملاح، مسمات شڪيلان ملاح، انيلا ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي ناري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي ناري جي امڙ مسمات شهزادي ملاح دانيهندي چيو ته منهنجي ڌيءَ کي 3 هٿياربند گهر مان اغوا ڪري کڻي ويا آهن، ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نہ ڪيو آھي، جوابدار بااثر آھن جن کان پوليس ڳري رشوت وٺي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ مان پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينديس.