سيوھڻ: سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، کير ضايع، دڪان سيل

0
499

سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ ڪيميڪل ۽ ملاوٽ وارو کير وڪرو ٿيڻ وارين عوامي شڪايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي نگراني ۾ کير وڪرو ڪندڙ مختلف ڊيرين تي ڇاپا ھڻي ۽ ڪاروائي ڪندي صحت لاءِ ھاڃيڪار کير وڪرو ڪرڻ تي ھڪ دوڪان کي سيل ڪري ڪيميڪل وارو کير ضايع ڪري ڇڏيو ۽ صفائي سٿرائي نه ھجڻ تي مختلف دڪاندارن کان 50 ھزار روپيا ڏنڊ پڻ وصول ڪيو.ائي ڪندي صحت لاء ھاڃيڪار کير وڪرو ڪرڻ تي ھڪ دوڪان کي سيل ڪري ڪيميڪل وارو کير ضايع ڪري ڇڏيو ۽ صفائي سٿرائي نه ھجڻ تي مختلف دڪاندارن کان 50 ھزار روپيا ڏنڊ پڻ وصول ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ عبدالرحيم قريشي ۽ ڊائريڪٽر سيد غلام رسول شاهه چيو ته سيوھڻ شھر ۾ کير ڪيميڪل ملاوٽ ۽ صاف سٿرو کير نه ملندڙ عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اسان جي ٽيم سيوھڻ جي 7 ڊيرين تي ڇاپا ھنيا جنھن ۾ ھڪ ڊيري جو کير ضايع ڪيو ويو ۽ ان دڪان کي سيل ڪيو ويو آھي ۽ مختلف ڊيري وارن دوڪانن تي صفائي سٿرائي نه ھجڻ ۽ کير ۾ سٺ سيڪڙو پاڻي جي ملاوٽ ھجڻ تي انهن کان 50 ھزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو آھي ۽ کين اڳتي لاء وارننگ ڏني وئي آهي. جڏهن ته اھڙيون ڪاروايون جاري رکيون وينديون.