سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوهڻ ۾ ڊمپر، ٽرڪون ۽ ٻي هيوي ٽريفڪ گذرڻ ڪري روڊ اکڙي ويو آهي، جنهن سبب روڊ حادثا معمول بڻجي ويا آهن. ان ڏس ۾  سيوھڻ شھر کي ڳوٺ باغ يوسف, بوبڪ شھر سميت سوين ڳوٺن سان ملائيندڙ اھم لنڪ روڊ جيڪو تازو مھا ٻوڏ ۾ زبون ٿي ويو ھو ان روڊ تان روزانو سوين پٿر جا ھيوي ڊمپر ۽ ٽرڪون لنگھڻ سبب ڄاڻايل لنڪ روڊ مڪمل طور زبون حالي جو شڪار ٿي کنڊر ٿي ويو آهي پر روڊ ڳري ٽريفڪ جي لائق نه ھجڻ باوجود ڊمپرن جي بدمست ڊرائيورن پاران تيز رفتاري سان گاڏيون ھلائي خوف حراس ڦھلائي رھيا آهن، جنهن ڪري اتي روڊ حادثا روز جو معمول بنجي چڪا آهن ۽ مقامي سوين ڳوڻاڻن جون حياتيون داء تي لڳي ويون آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سيوھڻ باغ يوسف روڊ تي ھڪ ھفتي اندر موٽرسائيڪل سوار ھڪ عورت سميت 2 ڳوٺاڻا فوت ۽ 5 ماڻھو زخمي ٿي معزور ٿي چڪا آهن پر مقامي انتظاميا غير قانوني ھلندڙ ڊمپرن واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ بجاء خاموش تماشائي بنيل آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻن ۾ سخت تاء ۽ ڪاوڙ جي لھر ڇاييل آهي. ان بابت متاثر ڳوٺاڻن نصير ميمڻ, اسد الله, رحمت الله, عبد الله ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ وارو روڊ ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ رھڻ ڪري اڳ ۾ تباهه ٿي چڪو ھو مٿان وري بااثر ڊمپرن ۽ ٽرڪن جا مالڪ پٿرن سان ڀريل گاڏيون مين انڊس ھاء وي تي ھلائڻ بجاء پئسا بچائڻ خاطر لنڪ روڊ جو استعمال ڪري ھڪ طرف روڊ کنڊر بنائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف انساني جانين سان کيڏي رھيا آهن. ھنن ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي لنڪ روڊ تان ڊمپرن, ٽرڪن ۽ ٽرالرن جي گذرڻ تي پابندي لڳائي ٿيل انساني جانين جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھو روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪندا.