سيوهڻ(ن پ ا) ايل ايس بچاء بند کي 2 ڪٽ ڏيڻ کان پوء خانگي ٻيڙي وارن ٻوڏ متاثرن جي مجبوري جو ناجائز فائدو وٺندي في سواري ٻه سئو رپيا ڀاڙو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه موٽرسائيڪل، مال جو چارو يا ڪو لڏو ٽپائڻ جو پڻ من پسند ڪرايو وصول ڪيو پيو وڃي جنهن سان ٻوڏ جي ستايل ٻوڏ متاثر ماروئڙن جا اھنج ٻيڻا ٿي ويا آهن ۽ اھي سخت پريشان آهن. ڪٽن تي مقرر پوليس اھلڪار پڻ ٻيڙين وارن سان ٻٽ بڻجي ويا آهن ۽ ٻيڙين وارن خلاف شڪايتن جو ازالو نه ڪري رھيا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف اھي به اطلاع آهن ته ٻيڙي هلائيندڙ تمام پراڻين ٻيڙين تي پئسن جي لالچ ۾ اوور لوڊ سواري کڻي رھيا آهن جنهن ڪري ڪنهن به وقت ڪو وڏو جاني نقصان جو امڪان موجود آهي. متاثر عوام مطالبو ڪيو آهي ته ناجائز مجبوري جو فائدو وٺندڙن ٻيڙيون ھلائيندڙن خلاف ملڪ جا حساس ادارا ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي جائز ڪرايا مقرر ڪيا وڃن. ياد رھي ته منڇر جي پاڻي ھيٺ آيل انڊس هائي وي لڳاتار بند ھجڻ کان پوء دادو لاڙڪاڻو ڀان ٻنڀا ٽلٽي ڪرمپور جي عوام جو سيوهڻ ۽ ٻين شھرن طرف اچڻ وڃڻ جو اهوئي واحد رستو ٻيڙي بچيو آهي جنهن جو ٻيڙي مافيا ناجائز استعمال ڪري غريبن کي لٽي رھي آهي.