سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي لعل باغ جي ڀر ۾ ايڪڙن جي زمين تي بي يارو مددگار ۽ کليل آسمان ھيٺ ويٺل مختلف شھرن کان آيل ٻوڏ متاثرين جي انتظاميا واھر نه ڪئي آھي، متاثر ماڻھن کي پيئڻ لاءِ  صاف پاڻي جو بندوبست نه ھئڻ ڪري ھو ڊائريا ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ان حوال سان متاثرين ٻڌايو ته ھڪ ھفتي ۾ صرف ھڪ دفعو راشن ڏنو پيو وڃي، جيڪو راشن  پچائڻ جي به قابل ناھي ۽ اسان اھڙي شڪايتون ڪرڻ تي به ڄاڻايل انتظاميا ٽينٽ مان نڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي.