سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ جي ٻوڏ جي متاثرن ۽ ايس يو پي پاران سيوھڻ شھر ۾ وڌندڙ لوڊ شيڊنگ ۽ ٻيڙيون، راشن، دوائون نه ملڻ خلاف حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج کي علي نواز رند، محمد خان سولنگي، مريد خان بروھي، روشن علي بڙدي، قربان علي ٽالپر، حاجي امين پنھور، ممتاز علي جتوئي، حاجي علي بخش بڙدي، محمد مراد ملڪ ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ ٻڏي وڃڻ بعد اسان سيوھڻ شھر ۾ اچي پناھ ورتي آھي پر ھتي 15 کان 16 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري اھڙي ٻوسٽ واري گرمي ۾ اسان جا ٻار ٻچا مري رھيا آھن ۽ بجلي بند ھجڻ ڪري ۽ چوڌاري پاڻي ھئڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون.