سيوھڻ (ن پ ا) مڪاني چونڊن بابت رٽرننگ آفيسر سيوھڻ جي آفيس ۾ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ واري عمل دوران آر او آفيس ۾ نعريبازي  ڪري ھنگامو ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جي الزام  ۾ سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ اميدوارن سميت 80 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اي سي آفيس جي نائب قاصد عبدالحميد جھيجو جي فرياد ھيٺ داخل ڪيل ڪيس ۾ 20 ڄڻن کي نامزد ۽ 60 ڄڻن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي. ايف آء آر ۾ نامزد ڄاڻايل ماڻهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، شبير ٻرڙو، منصور آزاد چنو، تعلقي سيوهڻ جي صدر محمد نواز رند، علي اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي، عبدالحڪيم بڙدي، مريد بروھي، اڪبر ميمڻ، علي رضا چنا، پي ٽي آئي جي اڳواڻن سوڍو خان جتوئي، ڀائي خان جتوئي، وزير علي، محمد اقبال سميت 80 نامعلوم ماڻھو جوابدار طور ڄاڻايا ويا آهن. ڪيس جي فريادي نائب قاصد عبدالحميد جھيجو ايف آءِ آر ۾ بيان ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ماڻهو آفيس ۾ زبردستي  گھڙي آيا ۽ گوڙ گمسان ڪري چيو ته اسان جي پارٽي جي ڪنهن به اميدوار جو فارم رد ٿيو ته نقصان ڪنداسين جنهن بعد ٻن جوابدارن اصغر سولنگي ۽ مريد بروھي منهنجي مٿان پستول سڌو ڪري چيو ته آفيس جي گيٽ کان پري ٿي وڃ نه ته توکي ماري خون ڪنداسين ۽ آفيس جي در کي لتون مڪون ھنيون. ھوڏانھن ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو آهي ته سيوھڻ جا آر اوز سياسي بنياد تي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪري پ پ مخالف اميدوارن کي رلائي رھيا آهن ۽ اسان جي اميدوارن جا فارم بنا جواز رد ڪري رھيا آهن احتجاج ڪرڻ تي الٽو ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.