سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي لاپرواهي ۽ ٺيڪيدار غائب ھئڻ سبب شھر جي 6 فلٽر پلانٽن مان واحد ھلندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم تي قائم فلٽر پلانٽ به خراب پيل آھي، جنھن کي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود نه ٺھرايو ويو آهي، جنھن ڪري شھر واسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آھن، شھري پئسن عيوض پيئڻ جو صاف پاڻي خريد ڪرڻ لڳا آھن، ان حوالي سان شھر جي سڄاڻ ڌرين ايڊووڪيٽ مرتضيٰ ملاح، محبوب چانڊيو، اڪبر ملاح، سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي، اصغر ڪوريجو، صفدر نجفي، احسان رند ۽ ٻين چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شھر جو واحد فلٽر پلانٽ خراب ٿي ويو آهي، جنهن سبب پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آھيون، هنن چيو ته فلٽر پلانٽ خراب هجڻ سبب گندو پاڻي واپرائڻ سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فلٽر پلانٽ ٺهرائي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.