سيوھڻ (ن پ ا)   سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ذوالجناح ۽ پينگھي جو جلوس  برآمد.خبرموجب سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي پنجين محرم الحرام واري ڏھاڙي تي  شيخ پاڙي مان ڊاڪٽر اقبال جعفري جي پڙ تان ذوالجناح جو جلوس برآمد ڪيو ويو ماتمي جلوس ۾ سينا زني ۽ خنجرن ۽ زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو جنھن سبب ڪيترائي مومنين زخمي ٿي پيا جن کي جلوس دوران سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ايمبولنسز ۾ فرسٽ ايڊ ڏني وئي جڏھن ته جلوس مختلف رستن تان ٿيندو لعل شهباز قلندر جي قديم الم پاڪ واري صحن ۾ پھچي مجلس عزا جو اھتمام ڪيو ويو بعد ۾ روٽ موجب پير ڇٽو آمراڻي تي پھچي نھرات ڪيو ويو جڏھن ته رات جي وقت امام بارگاهه حسيني مان سيد گل محمد شاھ عرف راجا شاھ لڪياري جي اڳواڻي ۾ ڪربلا جي شھيد معصوم علي اصغر جي ياد ۾ پينگھي جو جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو مختلف رستن تان ٿيندو فجر جي وقت قديم الم پاڪ واري صحن ۾ پھچي معصوم شھيد جي ياد ۾ لولي پڙھي ويئي جتي ھر عزدار جون اکيون اشڪ بار ڪندي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي بعد ۾ جلوس لڪياري ساداتن تي پھچي نھرات ڪيو ويو.