سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ  جي چوٿنبي واري علائقي ۾ بوبڪ واسي ميرحسن پنھيار جي درخواست تي ھڪ پرائيوٽ جڳھ تي فرسٽ سول جج سيوھڻ فاروق عباسي ڇاپو ھڻي سرڪاري راشن جا 100  ڪٽا ۽ منرل واٽر جون بوتلون ھٿ ڪري ورتيون آھن ٻوڏ متاٽرين جي راشن وارن ڪٽن تي گورنمينٽ آف سنڌ جو سرڪاري مونو گرام لڳل آهي بعد ۾ پوليس راشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اھڙي رپورٽ فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي بعد ۾ عدالت مختيا ڪار سيوھڻ عبدالحميد نھڙيو کي اڄ اربع ڏينهن عدالت طلب ڪري ورتو آھي. ان بابت رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ اقبال حسين جھنڊاڻ ٻڌايو ته اسان متاثرين ۾ راشن ورھائي چڪا آهيون ۽ ھٿ آيل سامان سان اسان جو ڪو به تعلق ناھي ٻئي طرف سيوھڻ پوليس موجب ته اسان عدالتي حڪم تي چوٿنڀي واري علائقي ۾ قادر بخش ھاليپوٽو جي جڳھ تي ڇاپو ھڻي 100 ڪٽا ھٿ ڪيا آھن ۽ معاملي جي جاچ ڪري رھيا آهيون.