سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ لڳ ماھي اوٺو ٿاڻي جي حد ۾ ڪالھ 57 ورھين جي پيرسن ڌنار مريد ولد عمر اوٺو جو رسن سان ٻانھون ۽ پير ٻڌل لاش پاڻي جي سڪل اڏ مان ھٿ آيو آهي, جنهن بابت ڳوٺاڻن اھڙو اطلاع فوتي جي وارثن اوٺا برادري ۽ ماھي اوٺو پوليس کي ڏنو جنهن بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جنهن بعد مقامي پوليس فوتي جو لاش کڻائي سيوھڻ اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪو ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. فوتي جي ڀاء ايوب اوٺو ۽ ٻين الزام هنيو ته فوتي مريد اوٺو صبح جي وقت مال چارڻ لاء ويو ته ھاليپوٽا برادري جي جوابدارن فوتي جا ھٿ پير ٻڌي ان کي گھٽا ڏئي ماري ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جيڪو وڏو ظلم آهي جڏهن ته جوابدار اسان جون 30 مينهون هڪ ڳئون به ڪاهي ھليا ويا آهن. جڏهن ته ٻار ٻئي طرف ھاليپوٽا ڌر اھڙي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته الزامن جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي. ايس ايڇ او ماھي اوٺو گل بيگ کٽياڻ جو چوڻ آهي ته فوتي تي ڪي به  ظاھري ڌڪ جا نشان ناھن ۽ لاش کٽ تي پيل ھو. ان ڪري ڊاڪٽر جي حتمي رپورٽ  اچڻ بعد خبر پئجي ويندي ته فوتي جو موت ڪيئن واقع ٿيو آهي. ھوڏانھن ڊاڪٽرن پنهنجي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي  رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ظاھري طرح سان فوتي جي جسم تي ڪو به  نشان ظاھر ناھي ڪا خبر نه  ٿي پوي ته  دل جو دوري سبب يا ڪو ٻيو ڪارڻ آھي جزا ليبارٽري موڪلڻ کانپوء خبر پوندي ته موت جو ڪارڻ ڇا آھي. ياد رھي ته ڪجهه سالن کان اوٺا ۽ ھاليپوٽا برادرين جو پاڻ زمين تان خوني تڪرار ھلندڙ آهي جنهن جو نبيرو نه ٿيڻ ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.